چيڪي مٽي

چيڪي مٽي

چيڪي مٽي

چيڪي مٽي: چيڪي مٽيءَ تمام نرم، ڀوري ۽ معدني شين تي مشتمل هوندي آهي. هيءَ سادي مٽيءَ اڪثر ڪيترن جبلن مان ملي ٿي. ان مٽيءَ جا جزا معدنيات تي مشتمل هوندا آهن. هيءَ مٽيءَ عام طور تي ڀوري، ڳاڙهي يا سليٽي رنگ جي ٿيندي آهي. اهو رنگ Iron Oxide جي ڪري ٿئي ٿو. چيڪي مٽيءَ زراعت ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. چيڪي مٽي، سادي مٽيءَ سان گڏجي فصل کي خوراڪ فراهم ڪري ٿي ۽ پاڻيءَ جي وهڪري کي روڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿي هي مٽي سادي مٽيءَ ۾ ملي ان کي ڳرو بڻائي ٿي. چيڪي مٽيءَ جا عام طور ٻه قسم آهن: هڪ ڦهلجندڙ مٽي ۽ ٻي نه ڦهلجندڙ مٽي. ڦهلجندڙ مٽي پاڻي ملائڻ تي وڌيڪ ڦهلجي پوندي آهي. وڌيڪ پاڻي ملائڻ سان پٽڙي ٿي ويندي آهي، جڏهن ته نه ڦهلجڻ واري مٽيءَ ۾ جيڪڏهن پاڻي ملائبو آهي ته اها وڌيڪ نرم ٿي ويندي. ڦهلجڻ واري مٽيءَ کي Betonies چيو وڃي ٿو. چيڪي مٽيءَ جو هڪ قسم تيل جي صفائي ڪرڻ لاءِ به ڪيميائي عمل استعمال ڪيو وڃي ٿو. نه ڦهلجندڙ چيڪي مٽيءَ ٺڪر جي ٿانون وغيره ٺاهڻ جي صنعت ۾ به استعمال ٿيندي آهي. جنهن مان سرون، ٿائلون، چيني جا ٿانو وغيره ٺاهيا وڃن ٿا.


لفظ چيڪي مٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو